حضور بخش گوپانگ

حضور بخش گوپانگ

حضور بخش گوپانگ

حضور بخش گوپانگ: نامور اداڪار حضور بخش ولد ميرل گوپانگ دادوءَ ۾ ڄائو. شاگرديءَ واري دؤر کان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ٻه سؤ کن اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. 1981ع کان مزاحيه اداڪاري ڪيائين ۽ 1998ع کان ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. ڪيترين سنڌي فلمن کانسواءِ پشتو فلم ’خورين زليفن‘ سميت ٻين ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. پي ٽي وي ڊرامن: ’سوال‘، ’ڌٻڻ‘، سميت اردو ڊرامن ’جال‘، ’برگر فيملي‘ ۽ ٻين به ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو اٿس. هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ حضور بخش گوپانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو